وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي جلسي ۾ ڌماڪي جي مذمت، شهباز شريف پاران زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي جلد نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيڻ جي هدايت، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سياسي جلسي تي حملو دهشتگردن جي ڪُڌي سازش جو واضح ثبوت آهي، دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ ترقيءَ جا دشمن آهن، هو دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار، بلوچستان حڪومت کي زخمين جو علاج يقيني بڻائڻ جي هدايت



