– پورٽ اينڊ شپنگ جي ملڪيت من پسند ماڻهن کي منتقل ڪرڻ بابت نيب ريفرنس، اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل سمورا جوابدار بري، احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي تي اڳوڻو وفاقي وزير ڪامران مائيڪل ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ڪامران مائيڪل سميت 29 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ هو ته سياسي انتقام طور ريفرنس 2018 ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪامران مائيڪل کي بنا ڪنهن سبب جي 6 مهينا جيل ۾ رکيو ويو


