35 هين نيشنل گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن، آفـيـشلز جي سامان ۽ لوگو جي فائنل ڊرافٽ جي منظوري، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سـردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ اجلاس، 35 هين نيشنل گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن، آفـيـشلز جي سامان ۽ لوگو جي فائنل ڊرافٽ جي منظوري ڏني وئي، صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته 35هين نيشنل گيمز جي انتظامن ۽ ڊرافٽ جي قطعي منظوري وڏي وزير کان ورتي ويندي، سنڌ حڪومت 6 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر تائين 35 هين نيشنل گيمز جي ميزباني ڪراچي ۾ ڪندي، نيشنل گيمز کان 20 ڏينهن اڳ ٽارچ ريلي ڪڍي ويندي، جنھن جو افتتاح چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو




