– ڀارت راوي درياءَ ۾ 2 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏي ڏنو، ڀارت جي آبي دهشتگردي ۽ لاڳيتو برساتن سبب راوي، چناب ۽ ستلج ۾ غير معمولي ٻوڏ جي صورتحال، چناب درياءَ ۾ هيڊ مرالا، خانڪي ۽ ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ، راوي درياءَ ۾ جسڙ وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ، فيصل آباد ۽ تاندلياوالا جي علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو، دريائي علائقا خالي ڪرڻ جي هدايت، شڪر ڳڙهه ۾ ڀيڪو چڪ وٽ راوي درياءَ جو حفاظتي بند ٽٽي ويو، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، چندا سنگهه والا سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، ظفر وال ۾ نالا ڊَيڪ ۾ ٻوڏ جي وهڪري سبب هنجلي پل جو هڪ حصو ٽٽي ويو، درجنين ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا، هزارين ايڪڙ فصل تباهه، پاڪ فوج جي امدادي ٽيمن پاران ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي ڪڍڻ جو آپريشن جاري، گجرات، سيالڪوٽ، جهلم ۽ نارووال سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات، موسميات کاتي طرفان اڄ اتر اوڀر پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان ظاهر



