سنڌ حڪومت 13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ڪوٺايل گرينڊ ميوزيڪل شو جي انتظامن کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت 13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ڪوٺايل گرينڊ ميوزيڪل شو جي انتظامن کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس، تقريب جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو،  شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته تقريب ۾ خاص ٻارن لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي ببنا ڪنهن رنڊڪ جي سيٽن تي وٺي وڃي سگهجي،  پيپلز پارٽي جي قيادت، وڏو وزير ۽ هو ذاتي طور تي چاهين ٿا ته خاص ٻار هن جشن جو حصو بڻجن، سڀني سيڪيورٽي گهرجن کي سختي سان پورو ڪيو وڃي، رينجرز جي وڌ کان وڌ تعداد کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن عوام پرامن ماحول ۾ آزادي جي جشن مان لطف ماڻي سگهي

Related posts

Leave the first comment