نئين دهلي ۾ ڀارتي اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي گرفتار، راهول گانڌي جي سربراهي ۾ نئين دهلي ۾ اليڪشن ڪميشن ڏانهن مارچ ڪيو پئي ويو، دهلي پوليس پريانڪا گانڌي، اڪليش يادو سميت ڪيترن ئي اپوزيشن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو، راهول گانڌي جو چوڻ آهي ته هي جنگ سياست جي نه پر جمهوريت جي تحفظ جي جنگ آهي، ووٽ چوري سموري ملڪ آڏو وائکي ٿي چڪي آهي


