Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ڏئي رهيو آهي

فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ڏئي رهيو آهي، برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيل مضمون موجب، آرمي چيف عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات خطي ۾ سفارتي تبديلي جي شروعات هئي، مضمون ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي عالمي سطح تي سفارتي ڪوششن کي فائديمند قرار ڏنو ويو، چيو ويو ته آمريڪا-پاڪستان لاڳاپن ۾ نئين گرمجوشي ۽ هندستان جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي ڪاميابي جا مثال آهن، فيلڊ مارشل جو ڪشمير تي سخت موقف ۽ ٽرمپ پاران هندستان تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ پڻ ڪاميابي جون ڪڙيون آهن، آمريڪا ۽ پاڪستان واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ وچ اوڀر جي پاليسي تي صلاح مشورن جي بنياد تي ٻطرفا لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن، جيڪو هندستان لاءِ پريشان ڪندڙ آهي

Related posts

Leave the first comment