موسمي تبديلين جَي چئلينجز کي منهن ڏيڻ وقت جِي اهم ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۾ تازو برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو، وفاقي ادارا گلگت بلتستان حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهن، پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي تبديلين سبب سخت متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ ٿئي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف جو گلگت بلتستان ۾ اجلاس کي خطاب،چوي ٿو سال 2022 ۾ به برساتن ۽ ٻوڏ وڏي تباهي آندي، برساتن سبب ٿيل نقصان تي افسوس آهي، وزيراعظم شهباز شريف سان گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه جي ملاقات، گورنر وزيراعظم کي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال نقصانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، گلگت ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو



