پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ پيپلز پارٽي جو عزم آهي، پوليو جو خاتمو ذميواري آهي، پوليو خلاف مهم 19 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، مهم دوران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، وڏي وزير مراد علي شاهه جو پوليو خلاف مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته ميڊيا پوليو خلاف مهم ۾ ڪردار ادا ڪري ته وڏو فرق پئجي سگهي ٿو، پوليو مهم دوران سمورن ضلعن ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي


