آءِ ايم ايف کان پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي تجويز رد، 6 ارب ڊالرن جو منصوبو خطري ۾ پئجي ويو، حڪومت 6 ارب ڊالرن جي ريفائنري اپ گريڊ منصوبي جي پاليسي ۾ ترميم تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، حڪومت هاڻ برائونڊ فيلڊ ريفائنري پاليسي 2023 تي نظرثاني جي تياري ڪري رهي آهي، توانائي واري وزارت جي اعليٰ عهديدارن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊويزن هن وقت نظرثاني ٿيل پاليسي سمري جو مسودو تيار ڪرڻ جي عمل ۾ آهي، جنهن کي منظوري لاءِ جلد ئي توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو


