چئلينج آهي سياسي ۽ جمهوري طريقي سان حڪومت ڪيرائي ڏيکاريو، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 5 آگسٽ تي سموري مڪ مان ماڻهو احتجاج لاءِ نڪرندا، هو پنهنجي صوبي ۾ احتجاج کي قيادت ڪندا، هو گهٻرائڻ وارا ناهن، مٿس ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيو ڪيس ٺاهيا ويا، هميشه پنهنجو پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪندا آهن، شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ٿيڻ تي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويا


