وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات، امن امان ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهيون، وفاق ۽ بلوچستان وچ ۾ امن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي رابطا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق، ملاقات بعد گهرو وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي محسن نقوي کي بريفنگ، وفاقي گهرو وزير هدايت ڪئي ته صوبي ۾ امن امان خراب ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏنو وڃي


