اسرائيلي حملن جو جواب ڏئي سنجيدا ڳالهيون اڳتي وڌايون وينديون: ايران

حملي جي حالت ۾ ڳالهيون نه ڪيون وينديون: ايران جو پرڏيهي وزير

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي حملن جو جواب ڏئي سنجيدا ڳالهيون اڳتي وڌايون وينديون، ايران، قطر ۽ عمان کي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابري اداري سان ڳالهائيندي ايراني اعليٰ عهديدار جو چوڻ آهي ته ايران واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حملي جي حالت ۾ ڳالهيون نه ڪيون وينديون.

آمريڪا سان جنگبندي لاءِ رابطن ۽ ايٽمي ڳالهين لاءِ شروع ڪرائڻ بابت قطر ۽ عمان کان مطالبي جون خبرون غلط آهن.

Related posts

Leave the first comment