ٺُل ۾ جوابدارن پنجاب جَي رهواسي شخص کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

– ٺُل ۾ جوابدارن پنجاب جَي رهواسي شخص کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو زخمي، جوابدارن نوڪري ڏيڻ بهاني پنجاب واسي وحيد شيخ کي گهُرائي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، سلمان زخمي ٿي پيو، سندس چوڻ آهي ته جوابدارن نوڪري بهاني گهُرايو هو، ريتي ويجهو صادق آباد ۾ هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ شخص گُم، اغوا جو شڪ،  نواز آباد واري علائقي ۾ گڊو ڪشمور روڊ تي واقعو پيش آيو، جوابدارن جِي فائرنگ ۾ حمزه قتل، جاويد ۽ سرور زخمي ٿي پيا، ديدار کوسو گُم، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول حمزا ۽ زخمي موٽر مڪينڪ هئا، جيڪي ديدار کوسو جِي روڊ تي خراب ٿيل گاڏي درست ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو

Related posts

Leave the first comment