ديامر سميت گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جو انگ 9 ٿي ويو، 50 کان وڌيڪ گهر تباهه، 27 پليون لڙهي ويون، سياحن جي جنت سڏائيندڙ گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۽ بابوسر ۾ ٻوڏ سبب هر پاسي تباهي پکڙيل، گم ٿيل 10 کان 12 ماڻهو اڃا تائين پتو نه پيو، ڳولا جاري، گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ پاڻي وهڪرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب سرچ آپريشن ۽ روڊن جي بحالي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن




