ڪراچي ۾ زبون بڻجي ويل 59 عمارتن مان 29 خالي ڪرايون ويون آهن، ڪمشنر ڪراچيءَ پاران زبون حال عمارتن بابت جوڙيل ڪميٽي اجلاس ۾ رپورٽ پيش، ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ 588 عمارتن کي انتهائي زبون حال قرار ڏنو ويو، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير هدايت ڏني آهي ته متاثر عمارتن جي رهواسين کي آباد ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي، خالي ڪرايل عمارتن جي رهواسين کي سنڌ حڪومت 3 مهينن جي مسواڙ ڏيندي، بيانو، مالڪاڻن حقن وارن رهائشين لاءِ ڪميٽي سفارشون پيش ڪندي………….


