صوبائي وزير علي حسن زرداري سان ذوالفقار شاهه ۽ دوست محمد راهمون جي ملاقات

ملاقات دوران اڳواڻن وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير علي حسن زرداري سان صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ۽ صوبائي صلاحڪار دوست محمد راهمون جي ملاقات.

ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري سان ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقيءَ بابت صوبائي صلاحڪار پڻ صوبائي وزير علي حسن زرداري سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ذوالفقار شاهه ۽ دوست محمد راهمون مختلف معاملن تي صوبائي وزير علي حسن زرداري سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

Related posts

Leave the first comment