وڏي وزير مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

وڏي وزير مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات، عالمي بينڪ جي 4 ارب ڊالرن جي ترقياتي پورٽ فوليو تي ڳالهه ٻولهه، سماجي تحفظ جي منصوبي ۾ وڌيڪ 7 ضلعا شامل ڪرڻ جو اعلان،  ورلڊ بينڪ کان نئون پروڪيورمينٽ ماهر فوري طور مقرر ڪرڻ جو مطالبو،وڏي وزير جي ترجمان موجب عالمي بينڪ جي مدد سان  سنڌ پيپلز هائوسنگ منصوبي تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ 6 لک کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا ويا،  13 لک کان وڌيڪ متاثر ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽس کوليا ۽  3 لک کان وڌيڪ عورتن کي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا،  10 لک کان وڌيڪ نوڪريون متاثر ماڻهن کي مليون آهن

Related posts

Leave the first comment