سنڌ سرڪار جو ترقياتي بجيٽ عوامي ڀلائي لاءِ، اهم شهرن لاءِ اربين رپين جا پيڪيجز شامل

04-سنڌ سرڪار جي ترقياتي بجيٽ عوامي ڀلائي جو ويزن آهي، سال  26- 2025 جي بجيٽ پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين جو تسلسل آهي، واعدن تي نه، عملي ڪم تي يقين رکن ٿا،  بجيٽ ۾ عوامي ضرورتن ۽ پراڻن مسئلن کي ترجيح ڏني وئي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو بيان، چوي ٿو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد لاءِ 7- 7 ارب رپين جا پيڪيجز شامل آهن،  ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ روڊ، پاڻي، ڊرينيج، صحت، تعليم جا منصوبا شامل آهن، حب ڪينال جي بحالي لاءِ 3 ڏهائي هڪ ارب، شهدادڪوٽ واٽر اسڪيم لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا، سنڌ بجيٽ ۾ ٻه لک آبادگارن لاءِ 33 ارب جو ميڪنائيزيشن ۽ ڊرپ ايريگيشن پيڪيج شامل آهن،  21 لک گهرن جي اڏاوت ۽ مالڪي ڏئي عورتن کي ڏئي بااختيار بڻايو پيو وڃي

Related posts

Leave the first comment