سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد اڄ آمريڪا ۾ اهم ملاقاتون ڪندو

وفد سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ۽ 9 غير مستقل ميمبرن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪندو

واشنگٽن (نيشنل ڊيسڪ) ڀارت جا ڪڌا ارادا وائکا ڪرڻ لاءِ سفارتي ٽيم جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد اڄ آمريڪا ۾ اهم ملاقاتون ڪندو.

وفد سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ۽ 9 غير مستقل ميمبرن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪندو، آمريڪي اختيارين کي ڀارتي اڳرائي تي بريفنگ ڏني ويندي.

پ پ چيئرمين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ او آءِ سي کي ڀارتي اڳرائي تي بريفنگ ڏيندو.

بلاول ڀٽو زرداري 5 جون تي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ ۾ رٿيل ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو.

Related posts

Leave the first comment