Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وزيراعظم شهباز شريف آزربائيجان جي ٻن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويا.

ڌرتي ٽي وي نيوز جي رپورٽ موجب، وزيراعظم شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي خانڪندي ۾ ٿيندڙ 17هين اقتصادي تعاون تنظيم (ECO) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

اجلاس دوران، شهباز شريف پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندا ۽ افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي علائقائي امن، اقتصادي تعاون، ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏيل حڪمت عملي بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندا.

دوري دوران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفي ملاقاتون به شامل آهن، جن ۾ واپار، توانائي، انفراسٽرڪچر، ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي وارا معاملا زير غور ايندا.

حڪومت پاڪستان موجب، اي سي او تحت هلندڙ هي فورم خطي جي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل اقتصادي واڌاري جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

هن دوري جو مقصد پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي متحرڪ رکڻ ۽ آزربائيجان سميت سڀني اي سي او رڪن ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي ته جيئن گڏيل مفادن جي بنياد تي خطي ۾ مستقل امن ۽ اقتصادي خودمختياري کي فروغ ملي.

وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرِ اطلاعات عطا الله تارڙ، ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ شامل آهن.

Related posts

Leave the first comment