گمبٽ ۾ 7 ڏينهن اڳ گهر اندر بيٽري ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل گهرڀاتين مان وڌيڪ هڪ عورت فوت

گمبٽ جي گلشن رحيم ڪالوني ۾ 7 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ دوران بيٽري ڦاٽي هئي

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ 7 ڏينهن اڳ گهر اندر بيٽري ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل گهرڀاتين مان وڌيڪ هڪ عورت فوت، فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو.

گمبٽ جي گلشن رحيم ڪالوني ۾ 7 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ دوران بيٽري ڦاٽي پئي هئي.

بيٽري ڦاٽن سبب هڪ ئي گهر جا 9 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿيا هئا، زخمي زرينا شيخ اسپتال ۾ دم ڏنو.

فوتي عورت جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل.

Related posts

Leave the first comment