سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، 24 ڄڻا زخمي

دادو-مورو روڊ، نوشهروفيروز ۾ نيشنل هاءِ وي ۽ مريد شاخ ڀرسان مسافر گاڏين سان حادثا آيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دادو-مورو روڊ تي ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوشھروفيروز ويجهو نيشنل هاءِ وي ھالاڻي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.

مريد شاخ ڀرسان نئون روڊ اسٽاپ وٽ وين موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment