۽ ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان کي شڪست ڏيڻ جي سالگرهه تي چين ۾ قومي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ شاندار فوجي پريڊ، چيني صدر جو دنيا لاءِ امن جو پيغام، تيانمن اسڪوائر تي تاريخي پريڊ، هائپرسونڪ ميزائل ۽ ايٽمي هٿيارن سميت جديد چيني فوجي ٽيڪنالاجي جي نمائش، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ ان ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سميت مختلف ملڪن جي نمائندن جي شرڪت، چيني صدر شي جن پنگ مهمانن جي آجيان ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي چيني صدر چيو ته دنيا هن وقت امن يا جنگ جي ٻه واٽي تي بيٺي آهي، انسانيت کي ٻنهي مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، دنيا ٻيهر تاريخي المين کي ٿيڻ کان روڪي، چيني ماڻهو امن لاءِ پرعزم آهن، چين تاريخ جي صحيح واٽ تي بيٺل آهي، چين جي ترقي ۽ خوشحالي کي روڪي نٿو سگهجي، هو هڪ اهڙو عالمي نظام چاهي ٿو جيڪو انصاف ۽ برابري تي ٻڌل هجي


