ٺل ۾ نوجوان قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج، ٽائرن کي باهيون، سرڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل عباس سرڪي جي وارثن رهبر چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل – جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري، بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، بنادير جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي




