اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايشين چيمپيئن به بڻجي ويو

ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا ۾ منعقد ڪيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو

سيول (اسپورٽس ڊيسڪ) اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايشين چيمپيئن به بڻجي ويو.

پاڪستان جي ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا ۾ منعقد ڪيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي هڪ ڀيرو پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.

ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ سڀ کان وڏي 86 ڏهائي 40 جي ٿرو ڪري فائنل پهچي گولڊ ميڊل کٽيو.

ارشد نديم جيولين ٿرو جَي پهرين رائونڊ ۾ 75 ڏهائي 64، ٻئي رائونڊ ۾ 76 ڏهائي 80، ٽئين رائونڊ ۾ 85 ڏهائي 57، چوٿين رائونڊ ۾ 83 ڏهائي 99 ۽ پنجين رائونڊ ۾ 86 ڏهائي 40 جا ٿرو ڪيا.

ڀارت جي سچن ياديو ٻيو نمبر ۽ جاپان جي شڪياما ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

گولڊ ميڊل ماڻڻ تي ارشد نديم جي اباڻي علائقي ۾ جشن، دهل شرناين تي ماڻهن جو رقص.

Related posts

Leave the first comment