سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وڪيلن جو الٽيميٽم پورو، مطالبو نه مڃيو ويو ته جڙتو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي تحريڪ هلائينداسين

اهم گڏجاڻي رٿيل، اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ٿيندو، ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ٿيندو

ٻٻر لوءِ (ويب ڊيسڪ) وڪيلن طرفان حڪومت کي ڏنل الٽيميٽم اڄ پورو ٿي ويو، وڪيلن جي اهم گڏجاڻي رٿيل.

رٿيل گڏجاڻيءَ ۾ اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ٿيندو، ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويندو.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل، سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به ڌرڻي ۾ موجود.

اسان هتي مري وينداسين پر ڪئنال ختم ٿيڻ تائين واپس نه وينداسين: ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو اعلان.

سندس چوڻ هو ته سنڌوءَ تي 6 ته ڇا پر اڌ ڪئنال به منظور ناهي، مطالبو تسليم نه ٿيو ته جڙتو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪنداسين.

Related posts

Leave the first comment