پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل ٽيرف تي باضابطا ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي

ناڻي واري وفاقي وزير  محمد اورنگزيب ۽ آمريڪي واپار ي نمائندي جي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل ٽيرف تي باضابطا ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي.

ناڻي واري وفاقي وزير  ۽ آمريڪي واپار ي نمائندي وڊيو ڪانفرنس  ذريعي  ڳالهه ٻولهه ڪئي.

جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو  آهي ته ٻنهي ڌرين  تعميري ماحول ۾  پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ايندڙ ڪجهه هفتن ۾  ٽيڪنيڪي  سطح تي  تفصيلي  ڳالهين تي اتفاق  ڪيو ويو.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو  ته ڌريون ڳالهين کي جلد ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

Related posts

Leave the first comment