گمبٽ ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل گهرڀاتين مان وڌيڪ هڪ نينگر دم ڏئي ڇڏيو

گلشن رحيم ۾ 4 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان بيٽري ڦاٽڻ سبب 9 گهرڀاتي سڙي زخمي ٿي هئا

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل گهرڀاتين مان وڌيڪ هڪ نينگر دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

گمبٽ جي گلشن رحيم ڪالوني ۾ 4 ڏينهن اڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ دوران گهر اندر بيٽري ڦاٽڻ سبب 9 گهرڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا هئا.

4 ڏينهن اڳ فهيم شيخ فوت ٿي ويو ۽ ڪالهه سندس ڀيڻ دم ڏنو، اڄ نينگر شايان علي شيخ به فوت ٿي ويو، 6 زخمين جو علاج هلندڙ.

Related posts

Leave the first comment