وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران ڪوئيٽا دورو

سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا وزيراعظم کي دهشتگرد حملي بابت بريفنگ ڏني

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران ڪوئيٽا دورو، خضدار حملي ۾ زخمين جي عيادت.

وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا وزيراعظم کي دهشتگرد حملي بابت بريفنگ ڏني.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ ملڪي خودمختياري توڙي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون.

ڀارت جي حمايت يافتا دهشتگردن اسڪولي بس تي حملو ڪري شرمناڪ ڪارروائي ڪئي، پوري قوم هٿياربند فوج ۽ سڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.

Related posts

Leave the first comment