وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاهراهه ڀٽو بندرگاهه کان قيوم آباد تائين وڌائڻ بابت اجلاس، خانگي فرم پاران منصوبي لاءِ فنڊنگ، آپريشن ۽ منتقلي تي ٻڌل تجويز پيش، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته بندرگاهه کان قيوم آباد تائين شاهراهه ڀٽو جي اڏاوت جو وقت اچي ويو آهي، شاهراهه ڀٽو ڊسمبر تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، شاهراهه ڀٽو بندرگاهه سان ڳنڍجڻ سان موٽر وي تائين سڌي رسائي ممڪن ٿيندي، شاهراهه ڀٽو ڪراچي واسين لاءِ انتهائي اهم منصوبو ثابت ٿيندو


