گڏيل قومن جي چارٽر موجب تڪرارن جي پرامن حل جي اصول تي قائم آهيون، تڪرارن جو پرامن حل ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ منصفاڻي عالمي نظام لاءِ اڻٽر آهي، تقريبن هر خطي ۾ پراڻا تڪرار موجود آهن ۽ هڪ طرفي مفاد جي پاسداري ۽ عالمي قانون جي پائمال ٿي رهي آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو نيويارڪ ۾ پاڪستان مشن طرفان ڪوٺايل آجياڻي کي خطاب، چيائين تڪرارن جي پرامن حل، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانون جي پاسداري سان ئي امن يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو محور گڏيل احترام ۽ مفاد تي ٻڌل لاڳاپا ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي


