پ پ چيئرمين سان وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي وزير جي ملاقات

ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شورو جي محنت جي واکاڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جي ملاقات.

اڳواڻن ۾ ملاقات دوران وڏي وزير پارٽي چيئرمين کي اجلاس بابت بريفنگ ڏني.

سيد مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري تڪراري ڪئنال بابت لاڳيتو رهنمائيءَ تي پارٽي چيئرمين جا ٿورا مڃيا.

ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ ڄام خان شورو جي محنت جي واکاڻ ڪئي.

چيائين ته توهان ٻنهي شخصيتن جي محنت رنگ لاتو آهي، توهان آئيني ادارن آڏو سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي ۾ سنڌ جي موقف جي فتح ٿي آهي.

Related posts

Leave the first comment