صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو ڏڦيڙ پکيڙيندڙ خارجين جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار، ڀارتي حمايتي 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش، صدر سيڪيورٽي فورسز جي بهادريءَ کي ساراهيو، آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، فورسز پاران ڀارتي حمايتي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروائي خوشيءَ جوڳي آهي، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع لاءِ سندن ارادا اٽل رهندا، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ لوهي ڀت وانگر بيٺل آهي، هو ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن




