سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

صدر ۽ وزيراعظم پاران پورهيتن جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

صدر پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

Related posts

Leave the first comment