سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

کهڙا ڀرسان زائرين جي بس 11 هزار وولٽيج جي تار سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت 20 کان وڌيڪ زخمي

کهڙا (ويب ڊيسڪ) کهڙا ڀرسان زائرين جي بس سان حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زائرين زخمي ٿي پيا.

سخيراڻي لنڪ روڊ تي نوراني ويندڙ زائرين جي بس 11 هزار وولٽيج جي بجلي جي تارن سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ زائرين زخمي ٿي پيا جن مان ڪجھه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment