ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني بري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني بري.

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي عدالت يوسف رضا گيلاني کي ٽن ڪيسن ۾ بري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران سينيٽ چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيو.

يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سندس خلاف سال 2009 ۾ ڪيس ٺاهيا ويا هئا، منهنجي خلاف ڪيس اسان جي اتحادي حڪومت ئي داخل ڪيو هو.

هن ڪيس ۾ واعدا معاف شاهد بڻيل هاڻي جوابدار آهي ۽ هو ملڪ کان فرار ٿي چڪو آهي.

اسان جي انهن تي ڪا ميار ناهي، حڪومت جي مڪمل سپورٽ ڪنداسين، ڪينالن جو مسئلو ميرٽ تي حل ڪيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment