ڪراچي ۽ سکر جي ڊرائيونگ لائسنس برانچ جا 22 اهلڪار رشوت عيوض لائسنس ٺاهي ڏيڻ تي معطل

لائسنس برانچ ڪلفٽن، سعود آباد، ملير، سعيد آباد ۽ سکر ۾  غير تربيت يافتا ماڻهن کي پئسن عيوض ڊرائيونگ لائسنس ٺاھي ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ سکر جي ڊرائيونگ لائسنس برانچ جا 22 اهلڪار رشوت عيوض لائسنس ٺاهي ڏيڻ تي معطل ۽ بي ڪمپني حوالي.

لائسنس برانچ ڪلفٽن، سعود آباد، ملير، سعيد آباد ۽ سکر ۾  غير تربيت يافتا ماڻهن کي پئسن عيوض ڊرائيونگ لائسنس ٺاھي ڏيڻ جو انڪشاف.

معطل ٿيل اهلڪارن ۾ انسپيڪٽرمظھر بلوچ، ليڊي انسپيڪٽر رک تاج، ايس آءِ پي اقبال صابر، محمد علي سومرو، بشير پيرزاده ۽ ٻيا شامل.

آءِ جي سنڌ پاران لائسنس برانچ  ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ 22 اھلڪارن کي معطل ڪرڻ بعد ايس ايس پي ٽريفڪ ڏکڻ سھائي عزيز  ٽالپر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment