هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 2 سڳا ڀائر ڪيترن ئي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث هئا: پوليس
پير جو ڳوٺ (ويب ديسڪ) پير ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن هٿان مارجي ويل ٻن ڀائرن کي پوليس ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
خيرپور پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 2 سڳا ڀائر ڪيترن ئي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث هئا.
ڏوهاري انيس راهوجو ڪجھه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن بقا محمد بنگلاڻي ۽ منور ناريجو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو.
ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل انيس راهوجو مٿان خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 33 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.


