پ پ چيئرمين پاران ايم آر ڊي دوران شهيد ٿيل سڪرنڊ جي ڳوٺ پنهل چانڊيو واسي 16 جيالن کي ڀيٽا پيش، بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته ڳوٺ پنهل چانڊيو جي جيالن پنهنجو رت ڏئي ملڪ جي جمهوري بقا جي قيمت ادا ڪئي، شهيد جيالن جي قرباني ڏاڍ خلاف جدوجهد جي تاريخ جو هڪ امر باب آهي، شهيد جيالن جا نالا جدوجهد جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيا ويا آهن، هو هر قسم جي آمريت جو مقابلو ڪندا، قائد عوام شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي زندهه رکيو ويندو


