سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل

مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل.

روهڙي ڀرسان ڳوٺ کاهي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال نصيران منگي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار شمن علي منگي کي گرفتار ڪري ورتو.

نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، جوابدارن بندوق جا فائر ڪري خالد پٽ جادل ککراڻي کي قتل ڪري ڇڏي، پوليس موجب ڌريون پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ آهن.

ميهڙ ۾  پئسي جي ڏيتي ليتي تان جتوئي ۽ ڪمانگر برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو، فائرنگ ۾ بخت علي جتوئي قتل ٿي ويو، سجاد ۽ اظهر جتوئي زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل

Related posts

Leave the first comment