عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ پوليس جي ذميواري آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ امن تڏهن قائم ڪري سگهجي ٿو جڏهن تربيت ۽ سهولت بهتر هوندي، ان لاءِ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي ماحول کي بهتر بڻائڻو آهي،: وزيراعظم شهباز شريف جو نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسر عام ماڻهن کي انصاف ڏيارين، دهشتگردي جي روڪٿام بابت ادارو آندو ويو، لاهور ۾ فرانزڪ ليب ٺاهي وئي آهي، پاڪستان ۽ خطي جي پهرين سيف سٽي جي شروعات ڪئي آهي، هدف بهترين تربيت ۽ سهولتن بعد ئي حاصل ٿي سگهن ٿا




