نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئين ديري ۾ واپاري سنتوش ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شٽربند هڙتال.
27 ڏينهن اڳ قتل ٿيل واپاري جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهر ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنتوش ڪمار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.




