سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ناري جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه جا واقعا، 4  گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ

نارو (ويب ڊيسڪ) ناري جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه جا واقعا، 4  گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ.

ناري ڀرسان ڳوٺ ارباب ملاح ۾ ڪوڙو ملاح ۽ غلام محمد ملاح جي  ڪکاون گهرن کي  اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ سبب پورهيتن جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، باهه جي متاثرن واهر جي اپيل ڪئي آهي.

چونڊڪو لڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ الفت خان پٺاڻ جي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل.

ڳوٺ سڪندر آباد ۾ پورهيت محمد بخش نڌواڻي جي گهر کي باهه لڳي، جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، واهر جي اپيل،

سمورن باهه متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن کي لڳل باهه تي ضابطو آندو.

Related posts

Leave the first comment