– معيشت بهتري طرف وڃي پئي، سڌارن جو عمل جاري آهي، ملڪ جا 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو ڊجيٽل ڪاروبار مان فائدو وٺي رهيا آهن، ڊجيٽل سيڙپڪاري جي حوالي سان ضابطن کي به بهتر بڻائڻو پوندو، ڊجيٽل سيڙپڪاري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻو پوندو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو تقريب کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو بينڪنگ نظام منجهيل آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته سيڙپڪارن لاءِ سهولت پيدا ڪئي وڃي، ڪرپٽو مائِننگ جي حوالي سان ڪرپٽو ڪائونسل جوڙي وئي آهي


