عوام ڪم ڪار ڇڏي وڃن ٿا، نادرا جو ورتاءُ بلڪل درست ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ جي ڪيس ۾ نادرا اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته نادرا ۾ ڪنهن جي تصديق ۽ جاچ جو ڪهڙو نظام آهي؟ ڇا نادرا وٽ شهرين کي ٽوڪن جاري ڪرڻ جو سسٽم موجود ناهي؟ عوام نادرا آفيس وڃي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته هاڻي اسان ماني کائي رهيا آهيون، اهڙي نموني شهرين کي پريشان نه ڪيو، عدالت نادرا کي سڀاڻي زونل بورڊ جو اجلاس گهرائي درخواستگذار جي تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 15 ڏينهن ۾ نادرا کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب


