سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

نوشهره ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي نماز جي ادائيگي دوران بم ڌماڪو، ڪيترائي زخمي

نوشهره (نيشنل ڊيسڪ) نوشهره ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ڌماڪو، ڪيترائي ماڻهو زخمي، موتن جو خدشو ظاهر.

ريسڪيو ذريعن جي شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي جي نماز جي ادائيگيءَ دوران بم جو زوردار ڌماڪو ٿيو.

ريسڪيون ذريعن موجب، جمعي جي نماز جي ادائيگي دورن ٿيل ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ڌماڪي بعد ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهن ۽ زخمي کي ويجھين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment