سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

نوشهره ڌماڪي ۾ 2 نمازي شهيد ٿيڻ جا اطلاع، ڪيترائي زخمي آهن: آءَ جي خيبرپختون خوا

نوشهره (نيشنل ڊيسڪ) نوشهره جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي نماز جي ادائيگي دوران ٿيل ڌماڪي ۾ 2 نمازين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع.

آءِ جي خيبرپختون خوا موجب شروعاتي جاچ موجب مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي دوران ٿيل بم ڌماڪو آپگھاتي آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي آپگھاتي ڌماڪي ۾ 2 نمازين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مسجد ۾ ٿيل آپگھاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق جي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي کان پوءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گھيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مسجد ۾ ڌماڪي بعد نوشهره جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڌماڪي ۾ ابتدائي طور 5 کان 6 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع.

آءِ جي خيبر پختون خوا موجب آپگھاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق کي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

نوشهره ڌماڪي بعد وزيراعظم، صدر پاڪستان، وفاقي گھرو وزير، گورنر ڪي پي، سي ايم ڪي پي ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

Related posts

Leave the first comment