سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه لڳڻ سبب 20 گهر الهه الهه سميت رک، نينگري سڙي فوت

جروار لڳ ڳوٺ محمد علي بوزدار ۾ باهه ٽي گهر ساڙي ڇڏيا، ڇهن مهينن جي ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي.

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه لڳڻ سبب 20 گهر الهه تلهه سميت رک، نينگري سڙي فوت.

ريتي ويجھو ڳوٺ منظور چوڌري ۾ باهه لڳڻ سبب پنج ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا.

جروار لڳ ڳوٺ محمد علي بوزدار ۾ باهه ٽي گهر ساڙي ڇڏيا، ڇهن مهينن جي ٻارڙي سڙي فوت ٿي ويئي.

سڳيون ڀرسان ڳوٺ محمد لائق ڪلهوڙو ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيت جي گهر ۾ پيل سامان خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ٿيويو.

دادلغاري ويجھو ڳوٺ محمد نواز ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب 10 پورھيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، ھنڱورجا جي مھراڻ ڪالوني ۾ گھر سڙي رک ٿي ويو.

Related posts

Leave the first comment