وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر سان ملاقات

ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر سان ملاقات، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي سهڪار تي اطمينان جو اظهار.

وزيراعظم پاران آذربائيجان جي آزادي جي موقعي تي صدر ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي.

وزيراعظم ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا.

ن موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي عوام جو پاڪستاني عوام سان لازوال تعلق آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي.

Related posts

Leave the first comment